ڪراچي واسين لاءِ خوشخبري، شهر ۾ اليڪٽرڪ بس سروس جي شروعات

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اليڪٽرڪ بس منصوبي جي شروعات ٿي وئي، جيڪا ٽاور کان سهراب ڳوٺ تائين هلندي ۽ هڪ اسٽاپ جو ڀاڙو 10 رپيا هوندو.

سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت اليڪٽرڪ بس جو افتتاح ڪيو.

سيفائر گروپ جي اليڪٽرڪ بس 37 سيٽن تي ٻڌل آهي، جيڪا ٽاور کان سهراب ڳوٺ تائين هلندي، جنهن جي هڪ اسٽاپ جو ڀاڙو 10 رپيا هوندو ۽ بس جا مجموعي طور 10 اسٽاپ هوندا.

افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي اويس قادر شاهه چيو ته اليڪٽرڪ بس آزمائشي بنيادن تي ٽاور کان ايم اي جناح روڊ رستي شاهراهه پاڪستان سهراب ڳوٺ تائين هلائي ويندي، بس جي هڪ کان ٻئي اسٽاپ تائين ڀاڙو 10 رپيا رکيو ويو آهي، ان جو ڪرايو في ڪلو ميٽر 4 رپيا هوندو ۽ سيٽ باءِ سيٽ هلندي.

هن چيو ته سيفائر گروپ جي بس مڪمل طور اليڪٽرڪ بس آهي، هر مهيني بسن جي انگ ۾ واڌ ڪئي ويندي، ڪورونا سبب ڪيترائي معاملا متاثر ٿيا پر هاڻ اليڪٽرڪ بس منصوبي جي پهريون ڀيرو سنڌ ۾ شروعات ٿي آهي، هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين 100 اليڪٽرڪ بسون روڊن تي آنديون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.