ڀارتي اداڪارا فاطمه ثنا شيخ کي به ڪورونا ٿي ويو

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا فاطمه ثنا شيخ به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي.

ڀارت ۾ ڪورونا جي نئين لهر خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي ۽ ڪيترين ئي حڪومتي شخصيتن سميت بالي ووڊ ستارا به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن، جن ۾ هاڻ فاطمه ثنا به شامل ٿي وئي آهي.

عامر خان سان گڏ سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارا فاطما ثنا شيخ انسٽاگرام تي ٻڌايو ته منهنجي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي، جنهن کانپوءِ مان پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

سندس چوڻ هو ته مان هن وقت گهر ۾ آهيان ۽ احتياط ڪري رهي آهي، گڏوگڏ هن نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندڙ مداحن جا به ٿورا مڃيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.