انڊسٽري کي منهنجي ضرورت نه هئي: ڪنگنا رناوت

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ پنهنجي بي خوف بيانن سان مشهور اداڪارا ڪنگنا رناوت چيو آهي ته مان فلم انڊسٽري کي گهربل نه هيس پر انڊسٽري منهنجي وڏي ضرورت هئي.

بالي ووڊ فلمساز وويڪ رانجن اگني هوتري ٽوئيٽر تي اداڪارا ڪنگنا رناوت جي صلاحيتن کي ساراهيو هو، جنهن جي جواب ۾ ڪنگنا رناوت به ٽوئيٽ ڪيو آهي.

فلمساز کي جواب ڏيندي ڪنگنا رناوت چيو آهي ته مان هڪ اڻ گهربل ڇوڪري هئي پر اڄ بهترين فلم سازن، فنڪارن ۽ ماهرن سان گڏ ڪم ڪندي آهيان.

سندس موجب مان پنهنجي ڪم سان پيار ڪندي آهيان پر پئسي ۽ شهرت لاءِ ڪم ناهيان ڪندي، ماڻهو مون کي دنيا جي بهترين شخصيت سمجهي چوندا آهن ته رڳو تون ئي اهو ڪري سگهين ٿي، مون کي خبر آهي ته مان پسند نه هيس پر انڊسٽري منهنجي وڏي ضرورت هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.