ٽنڊو الهيار شهري اتحاد پاران منشيات خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو مظاهرو

ٽنڊو الهيار شهري اتحاد پاران  شهر ۾ منشيات جي عام واهپي ۽ وڪري خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، جنهن ۾ شهري اتحاد جي عهديدارن ۽ ٽنڊو الهيار جي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي ٽنڊو الهيار واسين جو چوڻ هو ته سندن ضلعي ۾ کلي عام منشيات جو وڪرو ۽ واهپو هلي رهيو آهي جنهن ڪري هتان جو نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي ، هنن  چيو ته انهن انتظاميا ۽ پوليس کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر هن وقت تائين ڪنهن به انهن جي دانهن نه ٻڌي آهي

هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٽنڊو الهيار ضلعي مان منشيات جو خاتمو ڪرائي نوجوانن جي زندگي بچائي وڃي ٻي صورت ۾ هو وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو ڏئي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.