فيس بڪ هڪ ارب 3 ڪروڙ ڪوڙا اڪائونٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا سائٽ فيس بڪ 3 مهينن دوران هڪ ارب 3 ڪروڙ ڪوڙا اڪائونٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا.

تازو ئي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ فيس بڪ ٻڌايو ته انتظاميا گذريل سال آڪٽوبر کان ڊسمبر تائين هڪ ارب 3 ڪروڙ ڪوڙا اڪائونٽ ڊيليٽ ڪيا آهن جنهن جي ذريعي لڳ ڀڳ 35 هزار ماڻهو گمراهه ڪندڙ ڄاڻ پکيڙي رهيا هئا.

فيس بڪ موجب ڪمپني ڪورونا ۽ ويڪسين بابت هڪ ڪروڙ 20 لک مواد به ڊيليٽ ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.