ڪراچي: فرخ سهيل گوئندي جي ڪتاب ”ڀٽو جو قتل ڪئين ٿيو“ جي سنڌي ترجمي جي مهورتي تقريب

ڪراچي پريس ڪلب ۾ فرخ سهيل گوئندي جي ڪتاب ڀٽي جو قتل ڪئين ٿيو جي سنڌي ترجمي جي مهورتي تقريب منعقد ڪئي وئي

تقريب ۾ صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته  لفظ ڪتابن جا هجن يا ميڊيا جا، صفحن تي محفوظ ٿين ٿا ۽ تاريخ جي امانت هوندا آهن، ذوالفقار علي ڀٽي جي قتل ڪيس ۾ قانوني طور فني غلطيون ٿيون، ملٽري ڪورٽ ڪيس جي تجربي مان اسين پاڻ گذريا آهيون، ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪيس سيشن ڪورٽ ۾ نه هلڻ تي تحقيق ڪئي وڃي … پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خطاب ڪندي چيو ته  ذوالفقار علي ڀٽي جي قتل تي جيڪو ڪم پيپلز پارٽي کي ڪرڻ گهرجي ها اهو ڪم فرخ سهيل ڪيو آهي ..

عوامي آواز جي ايگزيڪيٽو ايڊيٽر حميده گهانگهرو چيو ته ڀٽي، شهيد حسن ناصر ۽ شهيد نذير جي قتل جي گواهي هن ملڪ ۾ تاريخ کانسواءِ ڪو به ڏئي نٿو سگهي، ڪتاب تاريخ جي گواهي هوندا آهن ..

اعظم معراج چيو ته ڀڳت سنگھه جيان فرخ سهيل ننڍي عمر ۾ هڪ سنجيدا سياسي ڪارڪن هو، هي ڪتاب ڀٽي جي هڪ عاشق جو پنهنجي محبوب کي خراج آهي ..

ان موقعي تي ڪتاب جي ليکڪ فرخ سهيل گوئندي ترجمو ڪندڙ دوست حفيظ چنه ۽ شير مهراڻي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ..

ان موقعي تي ماريا اقبال ترانا سميت سياسي سماجي اڳواڻن  ۽  صحافين وڏي انگ شرڪت ڪئي تقريب جي آخر ۾ ڪتاب جي مهورت پڻ ڪئي وئي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.