سام سنگ جو نئون مڊر رينج گليڪسي اي پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

سام سنگ گليڪسي اي سيريز جو نئون مڊ رينج فون اي 32 پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.

گليڪسي اي 30 ۽ اي 31 ته سادو مڊرينج فون هو پر اي 32 فليگ شپ فيچر سان ليس فون آهي جنهن ۾ ڪيمرا سيٽ اپ بهترين آهي.

فون ۾ 6.4 انچن جو ايف ايڇ ڊي پلس سپر اموليڊ ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته اسڪرين جي تحفظ جي لاءِ گوريلا گلاس 5 ڪوٽنگ ڪئي وئي آهي.

گليڪسي اي 32 ميڊيا ٽيڪ هيليو جي 80 پراسيسر سان ليس آهي جيڪو اوڪٽا ڪور سي پي يو سان گڏ آهي.

فون جي اندر اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪمپني پنهنجي ون يو آءِ 3.0 سان ڪئي آهي.

سام سنبگ جي ان مڊ رينج فون ۾ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان هڪ ٽي بي تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي.

ڪمپني موجب ڊيوائس ۾ گيم بوسٽر سافٽ ويئر مانيٽرز موجود آهي جيڪو گيمنگ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ سان گڏ بيٽري لائن، گرمي پد ۽ ميموري يوز ايج پيدا ڪري ٿي.

ڪمپني موجب گليڪسي اي 23 ۾ 5000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري ڏني وئي آهي جيڪا سڄو ڏينهن سولائيءَ سان هلي سگهي ٿي.

بيٽري سان گڏ 15 واسٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ فراهم ڪئي وئي آهي.

فون ۾ گڏيل طور تي 5 ڪيمرائون موجود آهن، 4 بيڪ تي ۽ هڪ سيلفي ڪيمرا.

بيڪ تي مين ڪيمرا 65 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ لينس (123 ڊگري فيلڊ آف ويو) 5 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 5 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا ان سيٽ جو حصو آهي.

فرنٽ تي 20 ميگا پڪسل ڪيمرا يو نوچ ڊيزائن ۾ ڏني وئي آهي.

پاڪستان ۾ هي فون 4 مختلف رنگن ۾ موجود هوندو جنهن جي قيمت 41 هزار 999 رپيا رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.