اوپو رينو 5 سيريز جو هڪ ٻيو ۽ نئون فون پيش

اوپو ڊسمبر 2020ع ۾ رينو 5 سيريز جي متعارف ڪرايو هو ۽ جنوري کان پاڪستان ۾ به موجود آهي.

هاڻ هن سيريز جو هڪ سستو ماڊل رينو 5 ايف پيش ڪيو ويو آهي.

هن فون ۾ 6.43 انچن جو اموليڊ ڊسپلي ڏنو ويو آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ سنسر اسڪرين جي نادر لڳل آهي.

فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو هيليو پي 95 پراسيسر 2.2 گيگا هرٽز اوڪٽا ڪور سي پي يو سان گڏ آهي.

ان کان سواءِ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪمپني پنهنجي ڪلر او ايس 11 سان ڪئي آهي جڏهن ته 4310 ايم اي ايڇ بيٽري 30 واٽ وي او او سي چارج سپورٽ سان گڏ آهي.

جيستائين ڪيمرائن جي ڳالهه آهي ته فون ۾ گڏيل طور تي 5 ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن.

فون جي بيڪ تي پرائمري ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي جڏهن ته 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ڪيمرا به ان سيٽ اپ جو حصو آهي.

فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا پنچ هول ڊيزائن ۾ ڏني وئي آهي.

هن فون کي ڪينيا ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي قيمت 287 ڊالر (44 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.