نوڪيا پنهنجا سستا ترين 5 جي فونز پيش ڪرڻ لاءِ تيار

ايڇ ايم ڊي گلوبل طرفان 8 اپريل تي هڪ ايونٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ نوڪيا جا 3 نوان فونز متعارف ڪرائڻ جا امڪان آهن.

انهن فونز ۾ نوڪيا جي سستا ترين 5 جي فونز ايڪس 10 ۽ ايڪس 20 شامل آهن جڏهن ته ان سان گڏ هڪ مڊ رينج فون نوڪيا جي 10 به پيش ڪيو ويندو.

نوڪيا ايڪس 10 ۽ ايڪس 20 ۾ اسنيپ ڊراگون 480 پراسيسر ۽ 5 جي سپورٽ جهڙا فيچرز موجود هوندو.

اڃا نوڪيا جو هڪ ئي 5 جي فون 8.3 موجود آهي جيڪو ڪافي مهانگو آهي ۽ ٻين ڪمپنين جي ڀيٽ ۾ اِهو 5 جي فونز جي ڊوڙ ۾ ڪافي پوئتي رهجي ويو آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو نوڪيا جي 10 ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو پي 22 پراسيسر موجود هوندو جڏهن ته 6.38 ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊِ پلس ريولوشن ۽ 4000 ايم اي ايڇ بيٽري هوندي.

ليڪس موجب فون ۾ 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 32 کان 64 جي بي اسٽوريج ٿي سگهي ٿي.

فون جي بيڪ تي 48 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 5 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا موجود هوندي جڏهن ته فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل جي سيلفي ڪيمرا هوندي.

ليڪس ۾ ٻڌايو ويو ته نوڪيا جي 10 جي قيمت 139 يورو (لڳ ڀڳ پاڪستاني 26هزار رپيا) ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ايڪس 10 جي قيمت 300 يورو (55 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته ايڪس 20 جي قيمت 350 يورو (65 هزار پاڪستاني رپيا) تائين ٿي سگهي ٿي.

اِهو ايونٽ 8 اپريل تي تي برطانوي وقت موجب 3 وڳي منجهند ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.