فيس بڪ ڪووڊ 19 ويڪسين بابت پوسٽن تي ليبل جي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) فيس بڪ ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن جي حوالي سان سمورين پوسٽن تي ليبل جي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪمپني طرفان اِهو اعلان ڪندي ٻڌايو ويو ته ان ليبل سان واهپيدار کي ڪووڊ 19 بابت آفيشل تفصيل تائين پهچڻ ۾ سهولت ملي سگهندي.

ان قدم جو مقصد ويڪسين جي حوالي سان گمراهه ڪندڙ تفصيل ۽ ماڻهن ۾ ان جي استعمال جي حوالي سان موجود مونجهاري کي ختم ڪرڻ آهي.

ڪمپني ٻڌايو ته هن نئين تبديلي سان ڪووڊ 19 ۽ ويڪسينز جي حوالي سان گمراهه ڪندڙ تفصيل جي ڦهلاءَ اندر گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

ڪمپني موجب جيڪي ماڻهو يا گروپ مسلسل پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪندا انهن کي پليٽ فارم تان خارج ڪيو ويندو.

اداري جو چوڻ آهي ته ان ليبل جي ڪووڊ 19 جي محفوظ هئڻ بابت يقيني تصيل صحت واري عالمي اداري طرفان فراهم ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.