ايڇ ٽي سي جو نئون انٽري ليول اسمارٽ فون متعارف

ايڇ ٽي سي پنهنجو انٽري ليول اسمارٽ فون وائڊ فائر اي 3 متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

ڪجهه سال اڳ تائين ته ايڇ ٽي سي جا اسمارٽ فونز گهڻا مقبول هئا پر هاڻ اُهي ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز ناهن رهيا.

پر ڪمپني همت نه هاري ۽ هلندڙ سال دوران ٻيون اسمارٽ فون پيش ڪيو آهي.

وائلڊ فائر اي 3 ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو پي 22 اوڪٽا ڪور پراسيسر موجود آهي.

هن فون ۾ 6.5 انچن جو ايل سي ڊي ڊسپلي ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سان گڏ ڏنو ويو آهي جڏهن ته فنگر پرنٽ اسڪينر بيڪ تي موجود آهي.

هي فون 3 کان 4 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج سان ليس آهي جڏهن ته اسٽوريج ۾ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان واڌ ڪري سگهجي ٿي.

ايڇ ٽي سي وائلڊ فائر اي 3 ۾ 4000 ايم اي اي بيٽري موجود آهي پر فاسٽ چارجنگ سپورٽ ناهي ڏني وئي.

اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم واري هن فون ۾ بليوٽوٿ، هيڊ فون جيڪ، وائي فائي 802 ۽ ڊوئل ايل ٽي اي سپورٽ ۽ ٻيا فيچر واضح آهن.

فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 13 ميگا پڪسل جي آهي.

ان کان سواءِ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل پورٽريٽ ڪيمرا به فون جو حصو آهي.

فون جي فرنٽ تي 13 ميگا پڪسل ڪيمرا واٽر ڊراپ نوچ ۾ لڪيل آهي.

ڪمپني طرفان فون جي موجودگي يا قيمت جو اعلان اڃا ناهي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.