آخرڪار هي سرداري نظام ڪيستائين اسان مٿان مسلط رھندو؟

تحرير: حسن سومرو

سنڌ جي عظيم ڌرتي جيڪا سدائين امن ۽ ترقي پسند رھي آھي ان کي اڄ جي سردارن، وڏيرن ايترو ته پٺتي ڌڪي ڇڏيو آھي جو اڄ سنڌ جي ھر ذات جا پنھنجا، پنھنجا سردار آھن، جن سدائين پنھنجن مفادن کي اڳتي رکيو ۽ سنڌ جي مسئلن کي پٺتي ڌِڪيو آهي ، هنن هميشه پنھنجي ذات جي مفادن خاطر سنڌ جي ٻين قبيلن، ذاتين کي نشانو بڻائين ٿا ۽ انھن کي گھٽ وڌ چئي پنھنجو نالو ڪڍرائين ٿا.

هزارين سال پراڻي امن جي ھيءَ ڌرتي اڄ جي سردارن جي ڪري قبيلائي جهيڙن ۽ خون ريزين سان رنگجي وئي آھي پر پوءِ به ڪو ھن سرداري نظام خلاف آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهي.

سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي سالن کان ان وڏايراشاهي، سرداري نظام  ھيٺان  پسجي پئي پر ڪير به  ان ظلم۽  ڏاڍ خلاف ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھي، سنڌ جا مظلوم ماروئڙن کي پنھنجو نوڪر ڪري ھلائن پيا پر ڪير پڇڻ وارو نه آهي. آخر سنڌ ڪيستائين ھن سرداري، نظام کي برداشت ڪندي رھندي؟ ھي جاھل وڏيرا جن وٽ تعليم نه تعليم آهي نه تربيت  اسان سنڌ جي نوجوانن مٿان آخر ڪيستائين مسلط رھندا؟.

اسان جي ووٽن، اسانجي فيصلن اسانجي ٻچن جي مستقبل تي آخر ھي وڏيرا ڇو مسلط آھن؟ اسانجي حقن تي انھن وڏيرن جو دٻدٻو آخر ڪيستائين رھندو؟ ھارين جي دنگن ۽ نگن تي ھنن سردارن جو دٻدٻو آخر ڪيستائين رھندو؟ اسان نوجوان پنھنجي محنت ڪري، پنھنجي ڳوٺن، گھرن کي ڇڏي چار سال لاڳيتا جدوجهد ڪري ڊگريون حاصل ڪرڻ کانپوءِ به  انھن اڻ پڙھيل وڏيرن، سردارن جا غلام ڇو آھيون؟ جيڪي وڏيرا اسانجي تعليم، اسان جي ملڪيت اسانجي اولادن جا دشمن آھن اسان انھن جي ڳالھه ڇو مڃون؟ ھاڻ نوجوانن کي انھن ڄٽ ۽ اڻ پڙھيل سردارن جي جاھليت واري نظام مان نڪرڻو پوندو، هي وقت طبقاتي نظام کي ختم ڪري پنھنجن ٻچن کي پڙھائڻ جو آھي، پنھنجن نياڻين جي مستقبل جا فيصلا ھن وڏيرن کان ڪرائڻ بدران پاڻ کي ڪرڻا پوندا. هن سرداري نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي پنھنجي جدوجھد پاڻ ڪرڻي پوندي ته  جيئن وري ڪو ام رباب جيان  يتيم نه ٿئي ۽ ئي وري ڪو سردار اسان جي نياڻين کي ڪارو چئي قتل ڪرائي سگھي، نوجوانن کي آواز اٿارڻو پوندو ته جيئن وڏيرا اسانجي اسڪولن تي قبضا نه ڪري سگھن، اسانجي ايندڙ نسلن لاءِ سنڌ مان ھي سرداري نظام ختم ڪرڻو پوندو ته جيئن اسان جا ٻچا بغير ڪنھن دٻدٻي ۽ خوف جي آزادي سان تعليم حاصل ڪري سگهن، اسانکي پنھنجي نسلن لاء ھن سرداري نظام مان جند ڇڏائڻي پوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.