اين اي 249 ننڍي چونڊ: پ پ پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 جي ننڍي چونڊ ۾ پارٽي ٽڪيٽ جي لاءِ درخواستون طلب ڪري ورتيون.

گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فيصل واوڊا نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران وفاقي وزير جي وڪيل عدالت ۾ هن جي قومي اسيمبلي جي رڪنيت جي استعيفيٰ پيش ڪئي.

پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چيمبر کي فيصل واوڊا جي استعيفيٰ نه ملي هئي ۽ قومي اسيمبلي جي قانون سازي واري شعبي ۾ به استعيفيٰ نه پهتي هئي پر اسپيڪر طرفان استعيفيٰ منظور ڪرڻ کان پوءِ سيٽ خالي تصور ڪئي ويندي.

بلاول هائوس جي ترجمان موجب پيپلز پارٽي اين اي 249 کان پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون طلب ڪيون آهن.

ترجمان جو چوڻ آهي ته خواهشمند درخواست هڪ هفتي ۾ بلاول هائوس يا پيپلز پارٽي جي اسلام آباد آفيس موڪلن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.