راولپنڊي: اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ايڇ او مارجي ويو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي علائقي سول لائنز ٿاڻي ۾ هٿياربند موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ اسٽيشن هائوس آفيسر (ايس ايڇ او) ريس ڪورس انسپڪٽر ميان عمران مارجي ويو.

پوليس موجب سول لائنز ٿاڻي واري علائقي ۾ ايڪسائز آفيس جي ڀرسان موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ايس ايڇ او انسپڪٽر ميان عمران جي ڪنڌ تي گولي لڳي هئي جيڪا سر وڃائيندڙ ثابت ٿي.

مقتول ايس ايڇ او انسپڪٽر ميان عمران وارثن سان گڏ وڃي رهيو هو ته راستي ۾ اڻڄاتل جوابدارن هن تي گوليون وسايون.

رپورٽن موجب انسپڪٽر ميان عمران عباس جو پيءُ به پوليس ملازم هو ۽ هن کي به فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.