شاهه لطيف ٽائون پوليس نوجوان کي گوليون هڻي ڇڏيون، وارثن جو احتجاج

ملير (ڊ.ر) ملير جي عبدالله ڳوٺ جي رهواسين صوبدار سانچ، صدام، نديم، بچل، قادر بخش ۽ ٻين شاھ لطيف ٽائون پوليس خلاف احتجاج ڪرڻ بعد ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شاھ لطيف ٽائون پوليس اسان جي ڀاء نادر علي کي ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فرائي ڪيو آھي۔ شاھ لطيف پوليس پيسن عيوض اسانجي پورهيت ڀاء کي ٽن ڏينهن تائين ٿاڻي ۾ ناحق قيد ڪرڻ بعد گذريل رات ڪوڙو پوليس مقابلو ڏيکاري کيس ٽنگن ۾ گوليون هڻي ظلم ۽ زيادتي ڪئي آھي۔ هنن چيو ته اسان ڏھ ڀائر آھيون جيڪي عبدالله ڳوٺ ۾ رهندا آھيون ۽ اسان پورهيو ڪري گذر سفر ڪندا آھيون ۽ اسانجو ڀاء پڻ مزدوري ڪري ٻچا پاليندو آھي۔ صوبدار سانچ چيو ته اسان جو ڀاء نادر علي ٽي ڏينهن اڳ گهران ڊيوٽي لاء قاسم ٽيڪسٽائيل ڪمپني ويو جنهن کانپوء واپس نه آيو گهڻي ڳولا ڪرڻ بعد اسان شاھ لطيف ٿاڻي تي گمشدگي جي درخواست ڏيڻ لاء وياسين ته پوليس درخواست نه ورتي ٽي ڪلاڪ ٿاڻي تي ويهاري واپس موٽايو ويو جنهن بعد گذريل رات اسان کي خبر پئي ته پوليس اسان جي ڀاء نادر علي کي ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فرائي ڪيو آھي۔.  هنن چيو ته اسان جي ٽن ڌرين سان دشمني هلندڙ آھي جن جي چوڻ تي ايس ايچ او شاھ لطيف اسانجي ڀاء کي ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فرائي ڪيو آھي۔ هنن آء جي سنڌ۔ ڊي آء جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ملير کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.