سکر ۾چوري ٿيل ڳئون جي واپسي لاءِ احتجاج

سکر(رپورٽر) روهڙي جي علائقي نيويارڊ ڪالوني جي رهواسي اربيلو ٻرڙو چورين ٿيل ڳئون جي واپسي لاءِ سکر پريس ڪلب  آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو  آهي ته ڪجه هفتا اڳ منهنجي ڳئون سي سيڪشن ٿاڻي جي حد شاليمار روڊ تي گهمي رهي هئي ته ٽي نامعلوم ماڻهو منهنجي ڳئون کي پڪڙي کي کڻي ويا آهن، جنهن جي گهڻي تلاش ڪرڻ باوجود هو هاڻي تائين مونکي پنهنجي ڳئون هٿ نه آئي آهي، جڏهن ته واقعي جي اطلاع پوليس کي ڏيڻ ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج به ڏيڻ باوجود پوليس هن وقت تائين ڳئون واپس نه ڪرائي سگهي آهي،هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳئون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.