مبارڪپور ويجهو گهر مان چوري ڪوشش، فائرنگ، 2 چور سوگها

مبارڪپور( رپورٽ : علي رضا ڀٽو) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ جنگو ۾ رات دير سان محمد رمضان پٽ غلام حيدر ڪٽبر جي گهر ۾ کاٽ هڻي 2 مينهون ڪاهي رهيا هئا ته اچانڪ ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا جيڪي چورن جي ڪڍ لڳي پيا چورن ڀاڳين مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ گهر ڌڻي محمد رمضان ڪٽبر کي ڄنگھ  ۾ گولي لڳي پئي جنهن سبب هئو زخمي ٿي پيو پر ڀاڳين ڳوٺ وارن همت ڪري 2 چورن گلشير پٽ شير محمد ڪيهر ۽ واحد بخش پٽ مددي ڀيو کي پڪڙي وڌو چورن کي ڳوٺاڻن جو ڪٽڪو ڏيڻ بعد مبارڪپور پوليس کي اطلاع ڏنو ويو مبارڪپور پوليس واقعي وري هنڌ  پهچي چورن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي کڻي آئي ۽ زخمي کي ليٽر ڏئي سول اسپتال علاج لاءِ ريفر ڪيو ويو هوڏانهن مبارڪپور ٿاڻي جي ايس ايڇ او انيس احمد شيخ ٻڌايو ته چورن جو تعلق جاڳڻ شڪارپور سان آھي هوڏانهن اهڙي واقعي جي ڪوبه ڪيس آخري اطلائن تائين داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.