”عمران خان وڪائو مال چوندڙن کان ڪهڙي مُنهن سان اعتماد جو ووٽ وٺندو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سڀني گڏجي عمران خان کي هارايو آهي، پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت لاءِ اسان کي پنهنجي جدوجهد جاري رکڻي پوندي.

اسلام آباد ۾ ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي صورتحال هڪ اليڪشن سان تبديل نه ٿيندي، هر اداري کي پنهنجو ڪم جاري رکڻو پوندو، عمران خان ڊرامي بازي ڪري معاملو دٻائڻ چاهي ٿو، حڪومت وائڙائپ جو شڪار آهي، پي ٽي آءِ جو وقت ختم ٿيڻ وارو آهي.

هن چيو ته عمران خان جي شڪست کي لڪائڻ جي ڪوشش ناڪام هوندي، پي ڊي ايم فيصلو ڪندي ته عدم اعتماد ڪڏهن ۽ ڪٿي آڻڻو آهي؟ عمران خان چيو ته کيس پئسو وٺندڙ ميمبرن جي خبر آهي، وزيراعظم کي چئلينج ٿو ڪيان ته انهن ميمبرن کي پنهنجي پارٽي مان ڪڍي ڏيکاري.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ ڪابينا جي تقريرن سان خبر پئي ٿي ته اهي گهٻرائجي ويا آهن، کين خبر آهي ته انهن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ وقت رڳو پي ڊي ايم ۽ جمهوريت جو آهي.

ان موقعي تي مريم نواز چيو ته مان وزيراعظم جي تقرير ناهي ٻڌي پر لڳي ٿو ته هو هاڻ به ڪنٽينر تي آهي، عمران خان جي تقرير هڪ هارايل شخص جي تقرير هئي، اليڪشن ڪميشن چيئرمين کي عمران خان ئي مقرر ڪيو هو، چيف اليڪشن ڪمشنر آئين ۽ قانون تي ٻڌل فيصلا ڏنا آهن، هيءَ اها ئي اليڪشن ڪميشن آهي، جنهن توهان جي فارن فنڊنگ ڪيس تي پردو وڌو.

هن چيو ته عمران خان پنهنجي شڪست جي ذميواري ٻين تي نه وجهي، وزيراعظم منهنجي ميمبرن کي روڪڻ لاءِ خزاني جو منهن کولي ڇڏيو ۽ هاڻ چئي ٿو ته ان جي ماڻهن کي خريد ڪيو ويو، عمران خان جن کي وڪائو مال چئي رهيو آهي، انهن کان ڪهڙي منهن سان اعتماد جو ووٽ وٺندو؟ انهن ميمبرن کي ڪڍو ۽ مٿس ڪيس داخل ڪرايو، عمران خان کي خبر آهي ته سندس ميمبرن ضمير موجب ووٽ ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.