سنڌ پروفيسرز ليڪچرز ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

سنڌ پروفيسرز ليڪچرز ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين پروفيسر شير خان سيلرو، انور ساگر ڪانڌڙو، پروفيسر شهنيلا انصاري، پروفيسر ممتاز لغاري، پروفيسر شمس ماروي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ڪاليجي استاد توڙي ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهن، هنن چيو ته ڪاليجي استادن کي روائيزڊ فورٽيئرس نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو آهي، فورٽيئرز روائيزڊ ۾ لائبرين ۽ ڊي پيز کي شامل نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪاليجن جي انتهائي کوٽ آهي ڪاليجن ۾ عملي توڙي شاگرد ۽ شاگردياڻين لاءِ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي، جنهن سبب ڪاليجن جو تدريسي عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته ڪيترن ئي ڪاليجن جي عمارتن تي قبضا ٿيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته 9 اپريل 2021 تائين مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته 10 اپريل ڪراچي وزيراعلي هائوس سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.