جمال شاھ : غريب پورهيت ڪرنگهي جي هڏي ۾ زخم ٿيڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار

جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ عبدالحميد مهر جو رهواسي پورهيت صادق سولنگي ڪرنگهي جي هڏي ۾ زخم ٿيڻ ڪري گذريل چئن سالن کان  بيماري جي بستري تي بي يارو مددگار پيل آهي، پورهيت صادق سولنگي ٻڌايو ته چيلهه کان ڪرنگهي جي ھڏي ۾ زخم هجڻ ڪري هلڻ گهمڻ کان لاچار بڻيل آهيان، پنهنجي علاج تي گهر جو الهه تلهه کپائي ڇڏيو آهي، پر ٺيڪ نه ٿي سگهيو آهيان،پورهيت جي والد ۽ امڙ به دانهون ڪندي وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندن پٽ جو علاج ڪرائي ان جي زندگي بچائي وڃي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.