گهوٽڪي: وحشي جوابدار جو زال، ڌيءَ ۽ نُنهن تي وحشياڻو تشدد،اسپتال داخل

گهوٽڪي جي  پاڙي انور آباد ۾  وحشي جوابدار زال ، ڌيءَ ۽  ننهن تي وحشياڻو تشدد ڪري کين بيلچا هڻي زخمي ڪري وڌو ، جوابدار علي گوهر لولائي گهريلو اڻبڻت تي پنهنجي گهرواري مائي حڪيمان ، ڌيء اربيلي ۽ ننهن شريفان مٿان بيلچن جو حملو ڪري کين سخت زخمي ڪري وڌو جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گهوٽڪي جي تعقلي اسپتال  علاج لاء آندو ويو ، هوڏانهن جوابدار جي پٽ لال خان لولائي ٻڌائيندي چيو ته سندس والد بنا جواز سندس امڙ  ۽ ڀيڻ کي بيلچا هڻي زخمي ڪري وڌوآهي جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو آهي، هوڏانهن گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي جوابدار علي گوهر لولائي مٿان اين سي داخل ڪئي وئي آهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.