5 ورهين جي ٻارڙيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي جي عدالت 5 ورهين جي ٻارڙيءَ سان زيادتي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ايڊيشنل سيشن جج جهانگير علي گوندل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.

عدالتي فيصلي موجب جوابدار 37 ورهين جي منير احمد کي 7 لک رپيا ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم به ڏنو ويو آهي.

عدالت اهو به حڪم ڏنو آهي ته جوابدار متاثر ٻارڙيءَ کي معاوضي طور 5 لک رپيا به ادا ڪندو.

ايڊيشنل سيشن جج پنهنجي فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته ٻارڙيءَ کي معاوضي جي ادائيگي نه ٿيڻ تي جوابدار جي ملڪيت لينڊ روينيو ذريعي ضبط ڪئي ويندي.

عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت م جوابدار کي 6 مهينا قيد به ڀوڳڻو پوندو.

واضح رهي ته جوابدار منير احمد خلاف رته امرال ٿاڻي تي 26 جنوري 2020 ۾ 5 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.