اقتدار کان ٻاهر ٿي وڃان پوءِ به قوم جو پئسو کائيندڙن کي نه ڇڏيندس: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سينيٽ چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا ۽ شو آف هينڊ ذريعي قومي اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي.

قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ايوان کان پڇندس توهان کي مون تي اعتماد آهي يا نه ۽ جيڪڏهن توهان مون تي اعتماد نه ڪندئو ته توهان جي عزت ڪندس، توهان کي مون تي اعتماد ناهي ۽ اهل ناهيان ته مان اپوزيشن ۾ هليو ويندس.

هن چيو پي ڊي ايم کي منهنجو پيغام آهي ته جيڪڏهن اقتدار هليو وڃي ته منهنجو ڪو نقصان نه ٿيندو، پئسو گڏ ناهي ڪرڻو ۽ ملڪيت ناهي ٺاهڻي، سفر ۽ سيڪيورٽي کانسواءِ مون تي حڪومت جو ڪو پئسو خرچ ناهي ٿيندو، توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيستائين ملڪ جو لٽيل مان واپس نٿا ڪيو، ڀلي اقتدار ۾ هجان يا نه توهان کي نه ڇڏيندس، منهنجو ايمان آهي ته ڦورن کي سزائون ملڻ تي هي ملڪ عظيم بڻجندو، ڇا منهنجي اڪيلي جي ذميواري آهي ته ڦورن جي پويان لڳان؟ قوم کي به ان حوالي سان ذميواري نڀائڻي پوندي، ڪرپٽ ماڻهن تي گل نڇاور ناهن ڪيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ ۾ اوپن بيلٽ جي مخالفت ڇو ڪئي، ڇا آئين چوري جي اجازت ڏئي ٿو، اوپن بيلٽ سان اسان کي وڪاميل ميمبرن جي خبر پئجي وڃي ها، اليڪشن ڪميشن انهن کي بچائي ورتو، ڪرپٽ ٽولي ووٽ چوري لاءِ ڳجهي بيلٽ جي حمايت ڪئي، اليڪشن ڪميشن جمهوريت کي نقصان پهچايو آهي، سينيٽ ۾ گذريل 30، 40 سالن کان پئسو هلي رهيو آهي.

وزيراعظم چيو ته انهن جو مقصد رڳو ڪرپشن ڪيس ختم ڪرائڻ آهي ۽ چاهين ٿا ته مان کين مشرف جيان اين آر او ڏيان پر منهنجي انڪار تي انهن حڪومت کي ناڪام ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيو، اين آر او وٺڻ لاءِ مون تي دٻاءُ وڌو ويو، جيڪڏهن اقتدار کان ٻاهر ٿي وڃان پوءِ به انهن کي نه ڇڏيندس، انهن خلاف قوم کي ٻاهر ڪڍندس، انهن کي قوم جو پئسو واپس ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.