ڪنڌڪوٽ: سنڌ پوليس بارڊر فورس جي اهلڪارن جي حمايت ۾ سماجي تنظيم جو مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ پوليس بارڊر فورس جي اهلڪارن جي حمايت ۾ سماجي تنظيم جي اڳواڻن عبدالحئي سومرو،زاهد حسين وڳڻ،شمن باجڪاڻي،عبدالغفار ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪري مظاهرو ڪيو ويو ، پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي اڳواڻن چيو  ته 2006 ۾ سنڌ پوليس جي بارڊر فورس ۾ 1100 پوليس اهلڪار ڀرتي ڪيا ويا جن کان مختلف ضلعن مان ڊيوٽيون ورتيون وڃن ٿيون پر بدلي ۾ سينارٽي جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي جيڪو سراسر ملڪي آئين جي به خلاف ورزي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي بارڊر فورس جي اهلڪارن کي ڊسٽرڪٽ پوليس ۾ ضم ڪري انهن کي سينارٽي ۽ ٻيون سهولتون ۽ مراعاتون ڏنيون وڃن ، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.