ڏهرڪي: درگاهه ڀرچونڊي شريف ۾ 2 شادي شده هندو ناريون اسلام قبول ڪرڻ لاءِ پهتيون

ڏهرڪي جي درگاه ڀرچونڊي شريف ۾ ميرپور خاص جون ٻه شادي شده هندو ناريون اسلام قبول ڪرڻ لاءِ پهتيون ، هندو ڪائونسل سان معاهدي تحت ٻنهين نارين مائي ڏيوي ڌيء ٽيلهو مل ۽ مائي ڌني يء گرداري مل کي ميان جاويد احمد ٽن ڏينهن تائين انهن جي والدين سان نويڪلائي ۾ ملاقاتون ڪرايون ،جنهن کانپوءِ مائي ڌني ولد گرداري اسلام قبول ڪرڻ لاء  آمادگي ظاهر ڪئي جڏهن ته مائي ڏيوي والدين سان واپس وڃڻ جو راضپو ڏيکاريو، ان موقعي تي هندو ڪائونسل جي اڳواڻ ڊاڪٽر رميش لال پنهنجي وفد سان پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀرچونڊي پيرن اسان سان ٿيل معاهدي جي پاسداري ڪئي آهي،

ان موقعي تي ميان محمد اسلم قادري چيو ته ڪجه وقت اڳ اسان جو هندو ڪائونسل سان ڪراچي ۾ معاهدو ٿيو  هو،  ان جي پاسداري ڪئي آهي هن چيو ته دين اسلام ۾ زبردستي ناهي

بعد ۾ هندو ڪائونسل جي وفد ميان عبدالحق عرف ميان مٺو سان ملاقات ڪئي

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.