ڀان سيدآباد : منڇر ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي آباد ملاحن پاران امڪاني آپريشن خلاف احتجاج

منڇر ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي آباد ملاحن جا گهر غيرقانوني قرارڏئي انهن کي نوٽيس جاري ڪرڻ خلاف منڇر بچايو تحريڪ  پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، تحريڪ پاران مولابخش ملاح، هوت خان ملاح، مسمات سائره ملاح جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي منڇر ڍنڍ تي احتجاج ڪيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته هو  1932ع کان منڇر ڍنڍ جي ڪنڌي تي آباد آهن، هاڻي سندن گهرن کي غير قانوني ڄاڻائي ڊاهڻ ڪٿان جو انصاف آهي

نن سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي انهن جا گهر ڊاهڻ جو نوٽيس وٺي انهن جا اجها بچائي انهن کي دربدر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.