ڪلوئي : ڳوٺ الهجڙيو لنڊ جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول 5 سالن کان بند،شاگرد پريشان

ڪلوئي ڀرسان ڳوٺ الهجڙيو لنڊ جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول پنجن سالن کان بند پيل آهي ، شاگردن  پاران  ڪتاب کڻي اسڪول اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي شاگردن پاران ، استاد ڏيو، استاد ڏيو جا نعرا هنيا ويا ، سندن چوڻ هو ته اسان تعلقي ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري کي ٻن سالن کان اسڪول کولڻ لاءِ درخواستون ڏنيون پر اسڪول نه کُلي سگهيو آهي ، سوين شاگردن جو مستقبل تباھ ٿيڻ لڳو آهي ، ڪلوئي تعلقي جي 348 پرائمري اسڪولن مان 200 کان به وڌيڪ گورنمينٽ پرائمري اسڪول بند پيل آهن، پوري تعلقي جي هزارين شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ لڳو  آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.