کپرو: کاهي پوليس جو زميندار جي زمين تي ڇاپو ،مبينا باندي بڻايل 14 هاري بازياب

کپرو ۾ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي حڪم تي کاهي پوليس زميندار عبدالستار آرائين جي زمين تي ڇاپو هڻي مبينا باندي بڻيل مردن، عورتن ۽ ٻار ن سميت 14هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، هارين جي بازيابي لاءِ خيراج   ڪولهي پاران ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست ڏني وئي هئي ، بازياب هارين ۾گلو ۔رامون۔ ڪانجي۔ سارنگ۔ آربو ۽ٻيا شامل آهن،  هارين موجب زميندار انهن کان جبري پورهيو ڪرائيندو هو ،جڏهن ته زميندار موجب هن هارين کان ڪو جبري پورهيو نه پئي ورتو نه وري هن وٽ ڪو خانگي جيل آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.