سڪرنڊ پريس ڪلب جي سال 2021ع لاءِ چونڊيل عهديدارن جي قسم کڻائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي . نوابشاه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار خاصخيلي نئين باڊي کي قسم کڻايو ، نئين باڊي ۾ صدر رائو عبدالمنان ، سينيئر نائب صدر عبدالتواب شيخ ، جنرل سيڪريٽري مسعود عمراڻي ، جوائنٽ سيڪريٽري رائو ظفر عبد الحئي ، خزانچي ولي محمد ڀٽي ۽ ترجمان رانا خليل احمد چونڊيا ويا . ان موقعي تي ڳالهائيندي ذوالفقار خاصخيليءَ چيو ته جيڪو صحافت جي راھ تي هلڻ چاهي ٿو ان کي پنهنجا عزم ۽ حوصلا بلند رکڻا پوندا ، حلف کڻڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته هن راھ تي پنهنجي قدمن کي مضبوطيءَ سان ڄمائي رکجي ۽ پنهنجي قلم ۾ سمايل مس جي پاڪيزگيءَ جو ڀرم رکجي . ان کان اڳ زاهد رشيد خانزاده نوابشاه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار خاصخيليءَ، حاجي عبدالله مگسي ۽ مير محمد ڪيريو سميت سمورن عهديدارن کي اجرڪون اوڍايون .