يوسف رضا گيلاني اسلام آباد مان سينيٽ جي سيٽ کٽي ويو، حفيظ شيخ کي شڪست

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ (وڏي ايوان) جي 37 سيٽن تي چونڊن جي لاءِ ڳجهي راءِ ذريعي پولنگ جو وقت ختم ٿي ويو جنهن کان پوءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي جڏهن ته اسلام آباد مان يوسف رضا گيلاني سينيٽ جي جنرل سيٽ کٽي ورتي.

غير سرڪاري نتيجا:

قومي اسيمبلي، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان اسيمبلين مان سينيٽ چونڊن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا اچڻ شروع ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد:

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني جنرل سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اميدوار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

پي ٽي آءِ جي فوزيا ارشد عورتن جي سيٽ تي مسلم ليگ ن جي اميدوار فرزانه ڪوثر کي شڪست ڏني.

ريٽرننگ آفيسر اعلان ڪيو ته قومي اسيمبلي ۾ 341 مان 340 ووٽ وڌاويا، يوسف رضا گيلاني 169 جڏهن ته عبدالحفيظ شيخ 164 ووٽ حاصل ڪيا، پي ٽي آءِ جي فوزيه ارشد 174 جڏهن ته فرزانه ڪوثر 161 ووٽ حاصل ڪيا، جنرل سيٽ تي 7 جڏهن ته عورتن جي سيٽ تي 5 ووٽ رد ٿيا.

بلوچستان:

آزاد اميدوار عبدالقادر جنرل سيٽ تي ڪامياب ٿيو.

جي يو آءِ جو اميدوار مولانا عبدالغفور حيدري جنرل سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

بي اين پي (مينگل) جي محمد قاسم جنرل سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

عوامي نيشنل پارٽي جي اميدوار ارباب عمر فاروق جنرل سيٽ تي ڪاميابي ماڻي.

بي اي پي جي منظور احمد ڪاڪڙ جنرل سيٽ تي ڪاميابي ماڻي.

بي اي پي جو سرفراز احمد بگٽي جنرل سيٽ تي ڪامياب ٿيو.

بي اي پي جو پرنس احمد عمر احمد زئي جنرل سيٽ تي ڪامياب قرار ٿيو.

بي اي پي جي ثمينه ممتاز عورتن جي سيٽ تي ڪامياب ٿي.

بي اي پي جو سعيد هاشمي ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽن تي سينيٽ چونڊجي ويو.

جي يو آءِ جي ڪامران مرتضيٰ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

بي اي پي جي دِنيش ڪمار اقليتي سيٽ تي ڪاميابي ماڻي.

خيبرپختونخواهه:

پي ٽي آءِ جو اميدوار شبلي فراز جنرل سيٽ تي ڪامياب ٿيو.

اي اين پي جو هدايت الله جنرل سيٽ تي ڪامياب قرار ٿيو.

پي ٽي آءِ جي ثانيه نشتر عورتن جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

پي ٽي آءِ جي فلڪ ناز عورتن جي سيٽ تي ڪامياب ٿي.

پي ٽي آءِ جي دوست محمد محسود ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ ماڻي.

پي ٽي آءِ جي محمد همايون خان ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ووٽنگ:

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي نگراني ۾ ووٽنگ جو عمل صبح 9 وڳي شروع ٿيو ۽ بروقت پولنگ جي آغاز کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اي سي پي جو عملو صبح سويري ئي پارليامينٽ هائوس پهتو، پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي 5 وڳي تائين جاري رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.