”جنهن حڪومت کي اکيون بند ڪري چونڊ کٽڻ گهرجي ها اُها پريشان آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جنهن حڪومت کي اکيون بند ڪري اليڪشن کٽڻ گهرجي ها اُها پريشان آهي، هو هارجي رهيا آهن سندن حڪومت وڃي پئي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان هڪ ووٽ به جيڪو وڌيڪ کڻون ٿا اُهو به بونس هوندو، هٿ ٺوڪي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ ايڪسپوز ڪري ڇڏيو آهي، اسان کين اِهو ڏيکاري ڇڏيو ته سندن ئي ميمبر حڪومت کان ڊنل آهن، اسان گڏجي انهن کي هتان ڪڍنداسين.

بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اسان جي اميدوار کي نااهل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پي ڊي ايم عوام سان گڏ آهي، اسان حڪومت سان گڏ ناهيون، هنن جا پنهنجا ميمبر ايترا ئي ناراض آهن جيترو عوام هنن کان خفا آهي، جنهن حڪومت کي اکيون بند ڪري اليڪشن کٽڻ گهرجي ها اُها پريشان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.