موبائل کڻي اچڻ تي خرم شير زمان کي اسيمبلي مان ڪڍيو ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊ دوران اسيمبلي ۾ ووٽ وجهڻ لاءِ ايندڙ تحريڪ انصاف ايم پي اي خرم شير زمان جي کيسي مان موبائل نڪري آئي.

اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ چونڊ دوران اسيمبلي ميمبرن ۽ ٻين جي موبائل فون، ڪئميرا سان اسيمبلي ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پر پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي صدر خرم شير زمان اليڪشن ڪميشن جي قانونن جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا.

سنڌ اسيمبلي ۾ ووٽنگ دوران جڏهن خرم شير زمان پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ آيو ته سندس کيسي مان موبائل نڪتي، جنهن تي اسيمبلي ۾ پولنگ جو عمل روڪيو ويو.

رٽرننگ آفيسر خرم شير زمان کي ووٽ وجهڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ اسيمبلي کان ٻاهر موڪلي ڇڏيو، جنهن سبب پي ٽي آءِ ايم پي اي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو.

رٽرننگ آفيسر ڪجهه دير کانپوءِ خرم شير زمان جي ووٽ بابت فيصلو ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.