خبر ناهي ڪير کٽيندو پر حڪومت جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون آهي: شهباز شريف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته مان ڪو نجومي يا ولي ناهيان پر حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي سڄي دنيا جي سامهون آهي.

قومي اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اڄ هر ميمبر پنهنجي ضمير موجب ووٽ وجهندو، بيلٽ ذريعي ميمبر پنهنجي ضمير جو اظهار ڪندا، اليڪشن ڪميشن کي به گهرجي ته شفافيت يقيني بڻائي.

سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته الله ٿو ڄاڻي، مان نه ڪو نجومي نه ولي آهيان پر حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي دنيا جي سامهون آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.