راڄو خاناڻي سميت ضلعي بدين جا روڊ ٽٽي پيا، خلق پريشان

راڄوخاناڻي ( رپورٽ:  امداد علي نظاماڻي )  بدين ضلعي جي پنجن ئي تعلقن ماتلي، تلهار، ٽنڊو باگو گولاڙچي  علائقن جا ننڊا وڏا لينڪ روڊ جنهن ۾ راڄوخاناڻي ماتلي مين روڊ جي نظاماڻي بس اسٽاپ وٽان نڪرندڙ بخشو نظاماڻي لنڪ روڊ،  بڊو قمبراڻي، ٻھرو صاحب لغاري لنڪ روڊ. رئيس علي اڪبر نظاماڻي جي اوطاق کان نڪرندڙ  بيشر آباد ، گھيل پور، گل حسن نظاماڻي کان ٿيندو پير واھ ڏھون واٽر بس اسٽاپ ٽنڊو غلام علي مين روڊ تائين ۽ ڳوٺ محمد رحيم گاھوڙي کان حمزو نظاماڻي، ٽنڊو غلام علي شھر جي ماتلي مين روڊ جي آغا پمپ کان ڳوٺ جان محمد سرائي ڪيٽي نظاماڻي تائين لينڪ روڊ  راڄوخاناڻي حاجي سانوڻ ماتلي مين روڊ جي بھيل اسٽاپ کان نڪردڙ لينڪ روڊ جيڪو عرض محمد نظاماڻي گھيل پور ٽو 2. ڪاري موري. لاکاٽ کان ٿيندو ڏندو شھر ۽ انھي روڊ جي ٻئي لينڪ روڊ ڳوٺ محمد علي ڳھلڙو شھباز نوتڪاڻي سميت ٻيا روڊ شامل آھن، جيڪي بدين ضلعي۾ مشهور ائل ۽ گئس جي پيداوار جي حوالي سان مشهور پينيرو آئل فيلڊ ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ سميت راڄوخاناڻي شهر کان ڏيواڻي فقير باگو سيال چوڌري غفور لنڪ روڊ. بخشو نظاماڻي لينڪ روڊن جي حالت خراب آھي،سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن باغي امداد گل حسن، محمد خان اسلم خاصخيلي، غلام قادر ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اھي روڊ کنڊرات کان به بدتر حالتن جي شڪل ۾ موجود آهن ھنن بدين ضلعي انتظاميا چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته اھي سمورا لئنڪ روڊ نئين سري سان جائزو وٺي  ايمرجنسي بنيادن تي روڊن تعمير ڪرايو جئين عوام روڊ حادثن کان بچي سگهي  ۽ شھرن تائين پهچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.