ڪلوئي ۾ اٽو مهانگو، غريب ماني لاءِ پريشان، انتظاميا تماشائي

ڪلوئي (رپورٽ:نواز لنڊ) ڪلوئي ۾ اٽي جا اگهه ٻيهر وڌي ويا، غريب پورهيت ويلو ٽارڻ لاءِ مجبور بڻيل، چڪي مالڪن کي ڪوٽا تحت ملندڙ سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي پڻ بند، ان ڏس ۾ رهواسين غازي لنڊ منظور علي عزيز هالو مرگھ کوسو ملڪ محمد ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڪڻڪن ۾ لابارا پوڻ ۽ نئين ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ باوجود چڪي مالڪن اٽي جا اگهه گهٽائڻ بجاءِ ويتر وڌائي ڇڏيا آهن جنهن سبب اسان غريب پورهيت ماڻهون ٻن ويلن جي ماني لاءِ مجبور بڻجي ويا آهيون، رهواسين دانهيو ڪجهه وقت اڳ ضلعي ٿرپارڪر انتظاميا ۽ مختيارڪار ڪار ڪلوئي جو دورو ڪري چڪي مالڪن کي 50 رپيا في ڪلو جي حساب سان اٽو وڪرو ڪرڻ جو پابند بڻايو جيڪو ڪجهه ڏينهن 50 رپيا ڪلو هلڻ بعد 65 رپيا في ڪلو تي پهچي ويو آهي جڏهن ته ٻهراڙي جي ڳوٺن ڄار پتڻ اٺ ڊهو کاڙڪ دودو جت سنهري کوهي ۽ ٻين ڳوٺن جي دڪانن تي اٽو 75 رپيا في ڪلو جي حساب سان هلڻ ڪري اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن هنن دانهيو ته اسان مختيارڪار ڪلوئي کي ڪافي ڀيرا اٽو سستو ڪرائڻ لاءِ چيو پر سندس آفيس کي هفتي جا ستئي ڏينهن تالو لڳل هوندو آهي هنن ڊي سي ٿرپارڪر کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي طرف چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته اسان کي جيڪا سرڪاري ڪوٽا تحت ڪڻڪ ملندي هئي ضلعي انتظاميا پاران سا بند ڪئي وئي آهي اسان وٽ پنهنجي ذاتي ڪڻڪ نه آهي مهانگي اگهه ۾ مٿان کان ڪڻڪ ملي ٿي اسان ڇا ڪيون؟ جڏهن ته مختيار ڪار ڪلوئي سجاد انصاري مصروف هجڻ جو جواز ڄاڻائي ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.