پ ٽ الف جي چونڊن لاءِ تياريون جاري

حيدرآباد(رپورٽ) پ ٽ الف جي سال 21-2020 جي مرڪزي اليڪشن جون تيارون جاري آهن، مختلف پينلن پاران پنهنجن نامزد اميدوارن جا فارم جمع ڪرايا پيا وڃن. مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي وٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٽن پينلن لڪي شاھه صدر، ڀٽائي پينل ۽ استاد پينل پاران پنھنجن عهديدارن جا نامزدگي فارم جمع ڪرايا ويا، جن ۾ صدر جي عھدي لاءِ شفيع محمد سٺيو(ڀٽائي پينل) غلام رسول مھر(لڪي صدر شاھ پينل) انار الدين شاھ(استاد پينل) ٻين عھدن تي عھديدار پنھنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا، جڏهن ته سينيئر نائب صدر جي لاءِ ڀٽائي پينل جي عبدالجبار کوسو، نائب صدر جي لاءِ شازيه سلطانه عباسي، جنرل سيڪريٽري جي لاءِ سڪندر علي جتوئي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جي لاءِ سھراب علي يوسفزئي، جوائنٽ سيڪريٽري جي لاءِ سڪينه ڪنڀر، ماليات سيڪريٽري جي لاءِ عتيق الرحمان سولنگي، انفارميشن سيڪريٽري جي لاءِ عبدالمجيد گاد ۽ آفيس سيڪريٽري جي لاءِ منظور علي چانڊيو فارم جمع ڪرايا، جڏھن ته لڪي شاھ صدر پينل ۾ سينيئر نائب صدر جي لاءِ محمد رفيق نظاماڻي، نائب صدر فيميل جي لاءِ نيئر سلطانه صديق، جنرل سيڪريٽري جي لاءِ غازي خان جمالي، ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري جي لاءِ مختيار احمد سولنگي، جوائنٽ سيڪريٽري جي لاءِ آمينه طاھر قمبراڻي، مالياتي سيڪريٽري جي لاءِ عبدالشڪور ميمڻ، انفارميشن سيڪريٽري جي لاءِ اڪبر علي سومرو ۽ آفيس سيڪريٽري جي لاءِ محمد يوسف ڪلمتي نامزدگي فارم جمع ڪرايو، اهڙي طرح استاد پينل جي سينيئر نائب صدر لاءِ منير احمد عمراڻي، نائب صدر فيميل جي لاءِ انجم آرا شيخ، جنرل سيڪريٽري جي لاءِ ذوالفقار علي ميمڻ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جي لاءِ نياز احمد پيرزادو، جوائنٽ سيڪريٽري جي لاءِ روزينا خاصخيلي، ماليات سيڪريٽري جي لاءِ بشير احمد نظاماڻي، انفارميشن سيڪريٽري جي لاءِ رشيد احمد وڌو ۽ آفيس سيڪريٽري جي لاءِ عبدالرزاق ھاليپوٽو پ ٽ الف جي اليڪشن 21-2020 ۾ پنھنجا فارم جمع ڪرايا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.