گهوٽڪي:پوليس جي ڪارروائي،مڙس جي قيد ۾ رکيل عورت نياڻي سميت بازياب

گهوٽڪي جي اي سيڪشن پوليس قادرپور ۾ ڪارروائي ڪري عورت مهناز زال امداد سولنگي کي سندس معصوم نياڻي مديحه سميت هٿ ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو، پوليس موجب عورت جي ڀاءُ نياز سولنگي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي ته سندس ڀيڻ مهناز کي مڙس امداد سولنگي تشدد ڪندو آهي، والد جي فوت ٿيڻ تي به کيس گهر نه ڇڏيو ويو، عدالتي حڪم تي عورت کي هٿ ڪيو ويو، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، هوڏانهن اي سيڪشن ٿاڻي تي عورت مهناز سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي هڪ نياڻي مسڪان مڙس جي قبضي ۾ آهي، مڙس مون کي مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو، هاڻي مڙس سان نه پر ڀاءُ نياز سان وڃڻ چاهيان ٿي .

رپورٽ_ آزاد مهر

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.