اوٻاوڙو: تڙت برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي

اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ خير محمد تڙت ۾ ڪارنھن الزام تان تڙت برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا ، پوليس ٻنهي ڌرين کي علاج لاء ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ، ڪارنهن هيٺ آيل نوجوان  ظھور احمد تڙت جي پيء ۽ ڀاء ذولفقار تڙت ۽ ٻين وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڳوٺ بنگل تڙت جي رھواسي وڏيري حاڪم تڙت جي چرچ تي ميرالي تڙت ،عبدالغفار تڙت  ۽ ٻين گڏ جي اسان جي مٿان ڏنڍن ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو ۽ اسان کان 2 لک رپيه روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا آهن، هنن ٻڌايو ته وڏيرو حاڪم تڙت اسان کان 50 لک يا وري چار سنڱ چٽي گھري ٿو ۽ اسان جا گهر پٽ ڪري ۽ اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي، هنن ايس ايس پي گهوٽڪي، ڊي آئي جي سکر، آئي جي سنڌ،  وزير اعلي سنڌ کي اپيل ڪئي ته انهن جي زمين تي ٿيل قبضو ختم ڪرائي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

رپورٽ_بشير احمد ملڪ

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.