اينٽي ڪالا باغ ڊيم موومينٽ جو چيئرمين، ناليوارو صحافي، اديب محقق ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي سيد اختر بخاري 74 ورهين جي ڄمار ۾ شوگر ۽ بلڊ ڪينسر سبب سول اسپتال سکر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو , مرحوم جو مڙھ سندس ابائي شهر مومل جي ماڙي آندو ويو , جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي , جنازي نماز ۾ مختلف سياسي , سماجي , ادبي اڳواڻن سميت صحافي , سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري پريل دايو , ٻالڪ ادبي فورم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالحئي ڀٽو , اديب ۽ شاعر اياز لطيف دايو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي , جنازي نماز بعد مرحوم کي ابائي قبرستان مومل جي ماڙي ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو . جڏهن ته سنڌي ادب، صحافت، سماجي خدمت ٿوڙي سياست جي ميدان ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏيندڙ مرحوم سيد اختر بخاري پنهنجي پويان ٻه انجنيئر سيد اسد الله شاه ، ميڪينيڪل انجنيئر سيد سيف الله شاه ، ٻه نياڻيون ۽ بيوه سوڳوار ڇڏيا آهن،مومل جي ماڙي پريس ڪلب ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.
رپورٽ_ يونس ڀٽو