گم ٿيل ماڻهن وارو ڪيس، ماڻهو مايوس ٿي پيش ئي نه پيا ٿين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي تي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي عدم موجودگي تي پوليس اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته پوليس آفيسر نٿا ڪن، ماڻهو مايوس ٿي عدالتن ۾ به هاڻ پيش نه پيا ٿين.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن جو پٽ گم آهي ته ڪنهن جو مڙس غائب آهي، گم ٿيل ماڻهن جا وارث سمجهن ٿا ته پيش ٿي به ڪجهه نه ٿيندو، گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جو اعتماد کڄڻ اسان جي لاءِ افسوس جو مقام آهي.

عدالت گم ٿيل شهري بلال ۽ ٻين بابت رپورٽون غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيون ۽ وفاقي حڪومت ۽ ٻين ادارن کان تفصيلي رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو حڪم ڏنو ته گم ٿيل شهري جتي به آهن بازياب ڪري پيش ڪيو وڃي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.