پني عاقل ۾مقتول جوڙي جي تدفين، 2 جوابدار گرفتار

پنوعاقل (رپورٽ : نور محمد سومرو) گذريل ڏينھن بائيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مصري ميربحر ۾ ھٿياربند اصغر علي اڪبر،صدام،اويس ولد اسحاق ميراڻي پنھنجي گھر ۾ پرڻيل ڀئيڻ زينب عمر 25 سال ۽ سوٽ عباس ولد سليمان ميراڻي کي ڪارنھن ھيٺ گوليون ھڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ پوليس مري ويلن جا لاش کڻائي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪرڻ بعد سومر ڏينھن صبح جو جنازي نماز کانپوءِ کين کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ھو، ھوڏانھون بائيجي ٿاڻي تي سرڪار فريادي ٿي اي ايس آءِ بشير ڪورائي،شاھد محمد مراد چاچڙ  ياسين ڪورائي پاران ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد ايس ايڇ او بائيجي الھوڌايو پتافي قتل ۾ ڄاڻايل جوابدار اڪبر ۽ صدام ميراڻي کي گرفتار ڪري لاڪب ڪيو ويو، ان ڏس ۾ ايس ايڇ او الھوڌايو پتافي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مائي زينب ميراڻي ۽ سندس سوٽ عباس ميراڻي کي بي ڏوھ قتل ڪندڙ جوابدار اصغر ميراڻي ۽ اويس کي ھر حال ۾ گرفتار ڪيو ويندو،ھوڏانھن مقتول عباس جي والد سليمان ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ميراڻي برادري جا سيڪڙو ماڻھون بائيجي ٿاڻي تي پھچي ايس ايس پي کان گھر ڪئي ته منھنجي پٽ کي ناحق قتل ڪندڙ اصغر ۽ ٻين کي خون جي ڪيس ۾ چالان ڪري ڦاھي تي لٽڪايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.