رتيديري ۾سيانچ برادري جو احتجاج، جوابدار گرفتار ڪري تحفظ ڏيڻ جي گهر

رتوديرو (ت ر) رتوديرو ۾ سيانچ برادري پاران احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ۽ مظاهرين پاران ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن جي گرفتاري جي گھر ڪئي وئي ان موقعي تي مظاهرين عبدالرحمٰن ،عبدالقيوم ، عبدالفتاح ، عبدالغني ، عبدالرحيم ، حفيظ الرحمٰن ، امير بخش ، غلام مصطفيٰ سيانچ ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 16 ڏينهن اڳ گھٽي جي معاملي تان جويا ڌر جي ماڻهن اسان مٿان فائرنگ ڪئي هئي جنهن ۾ ساجد علي سيانچ قتل ٿي ويو هو ۽ چار ڄڻا عبدالرحمٰن ، عبدالفتاح ، عبدالرحيم ۽ عبدالقيوم سيانچ زخمي ٿي پيا هئا. هنن چيو ته اسان اهڙي واقعي جو ڪيس رتوديرو ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پوليس ٽن ڄڻن عبدالخالق ، فاروق عبدالله ۽ محمد سچل عرف بابو جويو کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته باقي 6 جوابدار لالو ، سلطان ، عبدالوحيد ، ضمير علي ، رياض ۽ امام بخش جويو روپوش آهن جن کي پوليس اڃان تائين گرفتار نه ڪيو آهي پوليس روپوش جوابدارن کي گرفتار ته نه ٿي ڪري پر رهندو گرفتار ٿيل هڪ پوليس اهلڪار عبدالخالق جويو کي به آزاد ڪرڻ جون ڪوشسون ڪري رهي آهي روپوش جوابدار اسان کي هاڻي ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن چيو ته ظلم ڪري ماڻهو به اسان جو قتل ڪيو ويو آهي زخمي به اسان آهيون ۽ هاڻي وري ڌمڪيون به اسان کي ملي رهيون آهن مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هيو ته گھٽي سرڪاري آهي جيڪا اصل ۾ شهر جي مک قبرستان ڏانهن وڃي ٿي جيڪا جويا ڌر جا ماڻهو اڏاوت ڪري سوڙهي ڪري رهيا هئا جنهن جي منع ڪرڻ تي هنن اسان مٿان فائرنگ ڪئي هنن ڊي سي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو آهي ته گھٽي جو معاملو حل ڪيو وڃي ايس ايس پي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ٿا ڪريون ته  قتل جي ڪيس ۾ روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.