ملير ۾ پورهيت گهر ۾ ڦاهو کائي ڇڏيو

ملير (ڊ.ر) ملير جي علائقي گلشن حديد فيز 2 ۾ 45 ورهين جي عاطف پٽ عارف گهر ۾ ڦاهو کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو، خودڪشي جوڪارڻ گهرو پريشاني ٻڌائي وڃي ٿي، اسٽيل ٽائون پوليس فوتي جي مڙهه کي جناح اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ذريعن ٻڌايو آهي ته فوتي جي گهرواري اسڪول ٽيچر هئي جيڪا پنهنجي ڊيوٽي تي وئي ۽ گهر ۾ ڪوبه شخص موجود نه هو، سومر ڏينهن جيئن ئي سندس گهرواري گهر اندر داخل ٿي ته سندس مڙس جو لاش پکي ۾ ٽنگيل هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.