ٻارن کي رانديڪن کان پري رکو نه ته…!

 

ڪوپن هيگن (ويب ڊيسڪ) هڪ عالمي تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ٻارن لاءِ پلاسٽڪ جي ٺهيل رانديڪن ۾ نقصانڪار ڪيميڪلز جو استعمال ٿيندو آهي، جيڪي ڪينسر جو ڪارڻ به بڻجي سگهن ٿا.

مشهور طبي رسالي سائنس ڊائريڪٽ ۾ شايع ٿيندڙ هڪ مقالي ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ٻارن جي پلاسٽڪ جي رانديڪن ۾ 100 کان وڌيڪ خطرناڪ ڪيميڪلز جي نشاندهي ٿي آهي، جيڪي صحت لاءِ انتهائي نقصاڪار ثابت ٿي سگهن ٿا.

تحقيق دوران ٻاهر جي پلاسٽڪ رانديڪن ۾ استعمال ٿيندڙ سخت، نرم ۽ جهڳ وارن 419 ڪيميڪلز جي نشاندهي ٿي، جن مان 126 ۾ اهڙن مادن جي نشاندهي ٿي، جيڪا امڪاني طور ٻارن جي صحت کي نقصان پهچائي سگهن ٿا.

يونيورسٽي آف ڊنمارڪ جي محقق ڊاڪٽر پيٽر فانٽڪي جو چوڻ هو ته انهن ڪيميڪلز ۾ 31 پلاسٽائزر، 18 شعلن کي وڌائيندڙ ۽ 8 نقصان ڏيندڙ خوشبو وارا ڪيميڪل به شامل آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهن رانديڪن جي استعمال جي روڪٿام جو اثرائتو نظام موجود ناهي.

تحقيق ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته پلاسٽڪ جي رانديڪن تي ان جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪلز جو نالو لکڻ ضروري آهي ۽ گڏوگڏ نقصانڪار خوراڪن تي نظر رکندڙ اداري جيان هڪ ادارو پلاسٽڪ جي تياري ۾ اهڙن ڪيميڪلز جي استعمال جي روڪٿام ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.