”حقيقي تبديلي ته هاڻ آئي آ“

تحرير: شاهه رخ علي سنديلو

پاڪستان ۾ ٽئلينٽ جو زيان ڪا نئين ڳالهه ناهي، پڙهيل لکيل طبقو هجي يا باصلاحيت ماڻهو، هر شعبي ۾ ساڻن ويساهه گهاتيون ٿينديون رهيون آهن، اهو ئي حال ڪرڪيٽ ۾ به آهي، جتي خاص طور سنڌي نوجوان مڪمل طور نظرانداز ٿيندا رهيا آهن.

جيتوڻيڪ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌ مان اردو ڳالهائيندڙن توڙي ٻين قومن جي ڪرڪيٽرن کي ملڪ جي نمائندگي جو موقعو ملندو رهيو آهي پر نِج سنڌي ٽئلينٽ تي ڪنهن جي اَک نه ٻُڏي.

ان صورتحال ۾ جتي هونئن ته سنڌ سان نه ڄاڻ ڪيتريون ناانصافيون ڪيون پئي ويون ۽ هاڻ به ٿي رهيون آهن، اتي ئي ڌرتي ڌڻين جو اهو مطالبو به رهيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪرڪيٽ ۾ سنڌ مان ڪو نِج سنڌي (سنڌي ڳالهائيندڙ) رانديگر شامل ڪيو وڃي، سنڌين کي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جون موقعو ملڻ گهرجي.

اهڙي احساس محرومي ۾ پاڪستان سپر ليگ جو وجود ۾ اچڻ يقينن هڪ نئون لاڙو هو، جنهن ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) نه پر فرنچائز پنهنجي آڌار تي رانديگرن جي سليڪشن ڪنديون آهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ڪراچي ڪنگز سکر واسي مشتاق ڪلهوڙي کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو هو، جنهن تي سنڌين ڏاڍو خوشي جو اظهار ڪيو پر ان نوجوان فاسٽ بالر کي سڄي ايڊيشن ۾ هڪ ميچ به نه کيڏائي وئي.

پي ايس ايل 2019 جي ايڊيشن ۾ وري پشاور زلمي پنهنجي اسڪواڊ ۾ دادو سان واسطو رکندڙ اسپنر عامر ٿهيم جي چونڊ ڪئي هئي پر ان کي به مشتاق ڪلهوڙي جيان موقعو نه ملي سگهيو، واضح هجي ته عامر ٿهيم انڊر 19 ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.

پاڪستان سپر ليگ 6 (هلندڙ ايڊيشن) لاءِ وري ملتان سلطانز لاڙڪاڻي جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي تي اعتماد ڪندي کيس جٿي جو حصو بڻايو ۽ هن موقعو ملندي ئي ڊيبيو ميچ ۾ زبردست رفتار سان سڀني کي پنهنجي ساراهه تي مجبور ڪري ڇڏيو.

شاهنواز ڏاهاڻي نه رڳو پشاور زلمي خلاف ڊيبيو ميچ ۾ 2 وڪيٽون ورتيون پر اهو تسلسل برقرار رکندي لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز خلاف به 2-2 شڪار ڪري هيل تائين ملتان سلطانز طرفان سڀني کان ڪامياب بالر رهيو آهي.

هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته جتي پي ايس ايل ۾ سنڌي رانديگرن کي موقعو ملي رهيو آهي، اتي ئي وري قومي ٽيم ۾ به تازو ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران سانگهڙ جي اسپنر نعمان علي مهر ۽ دادو جي اسپنر زاهد محمود ڀٽي (جيڪو پي ايس ايل ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪري رهيو آهي) کي چونڊيو ويو هو ۽ انهن ٻنهي جي بهترين ڪارڪردگيءَ جو به عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.