راڄوخاناڻي/کپرو: حضرت علي ڪرم الله وجه  جي ولادت باسعادت جي موقعي تي ريلي ۽ تقريب

راڄوخاناڻي ۽ کپرو ۾ حضرت علي ڪرم الله وجه  جي ولادت باسعادت جي موقعي تي ريلي ڪڍي تقريب ڪوٺائي وئي، راڄو خاناڻي ۾ مسجد امام زمان مان هڪ پروقار ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي سمورين بازارن مان ٿيندي تلهار روڊ جي مين ناڪا چوڪ جي واپڊا آفيس.اڳيان پهتي جتي ريلي کي خطاب ڪندي مولوي غلام اڪبر ڇلگري، سيف جوادي  ۽ ٻين چيو ته حضرت علي عليه السلام اسلام خاطر وڏو جھاد ڪيو ، اسلام لاءِ سندس لازوال قربانيون آهن جن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، کپرو جي  بخاري امام بارگاھ ۾ هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي،  جنهن ۾ بخت حسين ڊومڪي ، سيد بابر شاھ،جمال شاھ نور محمد حسيني ، بلال شاھ ، فضل حسيني ، شفقت حسنين ، سلمان شاھ۽ ٻين   حضرت علي ڪرم الله وجـ جي يوم ولادت باسعادت جو ڪيڪ ڪاٽيو،  ان موقعي تي مشهور قصيدھ خوان، نور محمد حسيني ، علي رضا  جعفري،۽ٻين مولا علي جي شان ۾ قصيده پڙهيا  ان موقعي تي مولانا بخت حسين  ڊومڪي خطاب ڪندي چيو تـ حضرت علي ڪرم الله وجـ شير خدا لقب جو مالڪ هو،  هن  دين اسلام کي سڄي دنيا  ۾ ڏينهن قيامت تائين سرخرو ڪيو .

رپورٽ: امداد علي نظاماڻي/عبدالرزاق راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.