نائجيريا ۾ اسڪول تي هٿياربندن جو حملو، 300 شاگرد اغوا

ابوجه (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ نائجيريا ۾ بورڊنگ اسڪول تي هٿياربند حملو ڪري 300 شاگردن کي اغوا ڪري ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آفريقا جي ملڪ نائجيريا جي رياست زمفارا جي بورڊنگ اسڪول مان اڻڄاتل هٿياربند 300 شاگردن کي اغوا ڪري کڻي ويا. ان علائقي ۾ هڪ هفتي ۾ شاگردن جي اغوا جو اهو ٻيون واقعو پيش آيو آهي.

اسڪول جي هڪ استاد ۽ ٻارن جي والدين اسڪول تي هٿياربندن جي حملي ۽ شاگردن جي اغوا جي تصديق ڪئي جڏهن ته زمفارا جي انفارميشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته مغوي شاگردن جو درست معلوم ناهي ٿي سگھو، پر اندازي موجب 300 شاگرد آهن.

هوڏانهن گورنمينٽ گرلز سيڪنڊري اسڪول جنگيبي جي هڪ عملدار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ميڊيا کي ٻڌايو ته حملي کان پوءِ اسڪول مان گھٽ ۾ گھٽ 300 شاگرد گم آهن.

ٻي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته ان علائقي ۾ اغوا جو وارداتون عام آهن. اهڙا واقعا هاڻ روز جي بنياد تي سامهو اچي رهيا آهن، هلندڙ هفتي شاگردن جي اغوا جو اهو ٻيون واقعو آهي.

گذريل هفتي به هڪ بورڊنگ اسڪول تي هٿياربندن جي حملي ۾ هڪ شاگرد مارجي ويو هو ۽ 27 شاگردن سميت 42 ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو هو جڏهن ته گذريل سال ڊسمبر ۾ به 300 شاگردن کي اغوا ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.