پ پ اڳواڻ پلوشه خان جي گھر تي حملو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ چونڊن ۾ سنڌ مان اميدوار پلوشه خان جي ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ موجود گھر تي اڻڄاتل ماڻهن پاران حملو ڪيو ويو آهي.

پلوشه خان موجب ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ موجود سندس گھر تي حملو ڪيو ويو جتي 5 کان وڌيڪ ماڻهن گھر تي حملو ڪري  وارن کي ڌمڪيون ڏنيون.

هن ٻڌايو ته حملو ڪندڙ چئي رهيا هئا ته پلوشه خان کي ٻاهر ڪڍو.

پي پي اڳواڻ موجب هو ٿاڻي تي درخواست ڏئي رهي آهي جڏهن ته وڏي وزير کي به واقعي جو اطلاع ڏنو ويو آهي.

پلوشه خان چيو ته خبر ناهي شڪي ماڻهن جو گھر ۾ گھرڻ جو مقصد ڇا هو  واقعي سبب  پاڙيسري به واقعي ۾ ڳڻتي ۾ مبتل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.