ڪنڌڪوٽ ۾ ٽن ڏهاڙن وارو علمي ،ادبي، ثقافتي ،سائنسي ۽ راندين جو ميلو

ڪنڌ ڪوٽ جي مني اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ ٽن ڏهاڙن واري علمي، ادبي ، ثقافتي ، سائنسي ۽ مختلف راندين جي ميلي جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي، ميلي جو  افتتاح ڊي سي منور علي مٽياڻي، ايس ايس پي امجد شيخ   رينجرز ڪرنل جاويد اصغر پڻ ڪيو،ان موقعي تي ڊي سي ۽ ايس ايس پي ڪشمور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  ڪرونا وبا کان پوءِ عوام کي سستي تفريح مھيا ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن وارو  ميلو لڳايو  ويو  جنھن جو مقصد ضلعي جي عوام کي  ٻوسٽ واري ماحول مان ڪڍي ذھني سڪون مھيا ڪري ڏيڻ آھي،  ھنن وڌيڪ چيو تھ ھن ميلي ۾ مختلف قسمن جي اسٽالن سان گڏ بھار جي مند جي اچڻ جي حوالي سان گلن جي نمائش رکي وئي جڏھن ته ميلي ۾ ملهه ملاکڙو ، ڪوڏي ڪوڏي،  فوٽ بال سميت گھوڙن ۽ ڏاندن جي ڊوڙ جا مقابلا بھ رکيا ويا آھن ۽ ان سان گڏو گڏ مختلف مڪتبھ فڪر سان تعلق رکندڙن ۽ صحافين کي پڻ ڪارڪردگي تي ايوراڊ بھ ڏنا ويندا .

رپورٽ- ممتازسنڌي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.