حمزا شهباز جي آزاديءَ جو لکت فيصلو جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ پنجاب اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز جي آزاديءَ جو لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته جوابدار کي پراسيڪيوشن جي رحم ۽ ڪرم تي نٿو ڇڏي سگھجي ۽ اڻڄاتل وقت تائين جيل ۾ سڙڻ به نٿا ڏئي سگھون.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ لکت فيصلو جاري ڪيو. ٻه رڪني بينچ 24 فيبروري تي هارڊ شپ بنياد تي ضمانت منظور ڪئي هئي.

عدالت پنهنجي لکت فيصلي ۾ لکيو آهي ته ٽرائل ڪورٽ جي آرڊر شيٽ مان لڳي ٿو ته درخواستگذار هر پيشي تي موجود هوندو آهي، جيڪڏهن وڪيل نه اچي ته ان جو ڏوهه درخواستگذار مٿان ناهي، وڪيلن جي احتساب عدالت ۾ غير حاضري هاءِ ڪورٽ يا اعليٰ عدليه ۾ پيشيءَ سبب ٿي.

لکت حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حمزا شهباز ڪيس جو مرڪزي جوابدار نه آهي ۽ هن جو ڪيس شهباز شريف جي برابر نه آهي جيڪو اڳ ئي سلاخن جي پٺيان آهي.

عدالت قرار ڏنو ته جوابدار کي پراسيڪيوشن جي رحم ۽ ڪر۾ تي نٿو ڇڏي سگھجي ۽ اڻڄاتل مدي وقت تائين جيل ۾ سڙڻ به نٿا ڏئي سگھون، جوابدار ٻڌڻيءَ دوران ٽرائل ڪورٽ جي روبرو باقاعدگي سان پيش ٿي رهيا آهن.

عدالت حمزا شهباز کي هڪ ڪروڙ جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ هن جي شريڪ جوابدارن فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي به گرفتاري بعد ضمانت درخواست منظور ڪندي هنن کي به ڏهه ڏهه لکن جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.